حميد عظيم آبادي

حميد عظيم آبادي: اردو ٻوليءَ جو مشهور لسانياتي ماهر، محقق، نقاد ۽ شاعر حميد عظيم آبادي 18 فيبروري 1896ع تي عظيم آباد پٽنار، صوبي بهار، هندستان ۾ ڄائو. سندس اصل نالو سيد عبدالحميد هو. هن جا وڏا عظيم آباد کان لڏي سکر ۾ اچي آباد ٿيا. سکر مان نڪرندڙ رسالي ’جام جم‘ جو ايڊيٽر ۽ سکر جي مجلس ادب جو باني هو.
هـن جـي لکـيـل نـثـري ڪـتـابـن ۾: (1) ’جامع العروض‘ (1939ع) (2) ’بهار ۾ اردو‘، (3) ’رضرالعروض‘ 1936ع ۽ (4) ’مفتاح العروض‘ (1952ع) شامل آهن. سندس شاعريءَ جا هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن: (1) ’ديوان حميد‘ ۽ (2) ’سروش ميڪده‘. هن 6 نومبر 1963ع تي وفات ڪئي.


لفظ حميد عظيم آباديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو